ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل- ڪتاب

ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل- ڪتاب

ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل

ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل (ڪتاب ):هي ڪتاب اصل ۾ ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت ۽ ان جي بحاليءَ لاءِ هليل تحريڪ جي هڪ تحقيقي رپورٽ تي مشتمل آهي، هن جاچ ڪميٽيءَ جو ڪنوينر ڪيرت ٻاٻاڻي هو، جڏهن ته ڪـميـٽيءَ ۾ ڪـرشـن راهـي، ارجـن شـاد، پوپٽي هيراننداڻي ۽ ايـم سڳـن ’آهوجا‘ به شامل هئا. هـن ڪتاب ۾ ڀارت ۾ سنڌي ٻـولـيءَ جـي مسـتـقبـل بابـت ڄاڻ ڏنل آهي. ڀارت ۾ سنڌي ٻولـيءَ کـي قومـي ٻولـيءَ جـي حـيثيـت حـاصل آهـي، سـڀ وسيـلا به ميسر آهن، پر اتي سنڌي مختـلـف رياستن ۾ ڇـڙوڇـڙ آهن؛ تنهنڪري انهن جي ٻوليءَ جو نج پڻو، ثقافت ۽ ريتون رسمون مستقل خطري يا تبديليءَ جي عمل ۾ آهن. ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ ۽ قائم رکڻ خاطر، اتي جي سنڌي اديبن، پنهنجي وس آهر تمام وڏي جدوجهد ڪئي آهي؛ جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي ٻولي اتان جي قومي ٻوليءَ جو درجو حاصل ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ان بابت تفصيلي بحث موجود آهي. هي ڪتابڙو مارئي فائونڊيشن پاران سال 1988ع ۾ ممبئيءَ مان ’سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا‘ پاران شايع ٿيو، ڪچي جلد سان، 96 صفحن تي مشتمل هن ڪتابڙي جي قيمت 10 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو